“مسئلا حل ڪريو” نوابشاهه قائد عوام ورسٽي ۾ شاگردن جو ڌرڻو

نوابشاهه (بيورو رپورٽ) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه جي ھاسٽل ۾ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن امير کوسو ۽ ٻين ٻڌايو ورسٽي انتظاميا شاگردن جي ھاسٽلن جي فيس وڌائي آهي، اڳ اسان کي چيو ويو ته 19 ھزار رپيا ھاسٽل جو ڪرايو آھي جڏھن ته ساڍا 21 ھزار رپيا ورتا پيا وڃن، هنن چيو ته ھاسٽل تي شاگردن کي رھڻ لاءِ کٽون به نه ڏنيون ويون آھن، هاسٽل ۾ پاڻي سميت ڪي به سهولتون ناهن، هنن گهر ڪئي نوٽيس وٺي اسان جا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن، ٻئي پاسي قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ھاسٽل جي پرويسٽ ۽ اسسٽنٽ پروفيسر عامر ڀٽو ٻڌايو ته ھاسٽل ۾ پاڻي مٺو ملي رھيو آھي، وارا بندي ھلي رھي آھي پر اسان وٽ ڪو به مسئلو ناھي، نئين کٽن جو آرڊر ڏئي ڇڏيو آھي، باقي ھاسٽل جي رومن جا 2 بلاڪ فل آھن، جيڪي پهريان آيا انھن کي ميرٽ تي روم ملي ويا، ھن چيو ته اسان جي نيئن بلڊنگ جو ڪم تيزيءَ سان ھلي رھيو آھي،2 مهينن ۾ ان بلڊنگ جا روم شاگردن کي رھڻ لا ڏنا ويندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *