اڄ جو انسان

ھي دنيا ڪيتري نه عجيب آھي انسان وٽ ھر شئ موجود هوندي به انسان ڪيترو نه اڪيلو آھي.

هِي دُنيا ته عارضي آ ھي پر عارضي دُنيا ۾ به ڪير خوش نه آھي ۽ نه ئي ڪير ڪنھن ٻئي ماڻھون جي خوشي ۾ خوش آھي ھتي ھر ٻيو ماڻھو پاڻ مان بيزار ته ڪو ماڻھو جيڪو پنھنجي زندگي مان ئي مطمئن ناھي ،ھر ٻئي ماڻھو جو دل ويران آھي . ھن ماڻھن جي ھجوم واري دنيا ۾ ھر انسان اڪيلو آھي ، محفلن جي ميلي ۾ ويٺل ٽھڪن جي فاڪن کان پوء به انسان اندروني طور اڪيلو آھي .ايتري آزمائشن ۽ تڪليفن کان بعد به ھن فاني دنيا ۾ ھر انسان تاحيات رھڻ ٿو چاھي. چيو وڃي ٿو ته اللله سائين انسان کي ھن دنيا ۾ پنھنجي عبادت لاء پيدا ڪيو آھي پر اسان انسان زندگي جي ان مقصد کان فري ويا آھيون اڄ جو انسان دنيا جي دلدل ۾ ايڏو منجھائيجي ويو آھي جو ھو پنھنجي ئي مقصد کان بي خبر ٿي چڪو آھي. جيڪڏھن اسان پنھنجو ئي مثال ڏسون ٿا ته اسان پاڻ ڇا آھيون .

ھن دنيا کان بي خبر ھلندا ٿا ھلون نه منزل جي خبر آھي ۽ نه ئي ڪنھن مقصد جي وري جي ڏسون ته انسان پاڻ کي ذات ، مذھب ۽ فرقن ۾ ورھائي ڇڏيو آھي . انسان انسان سان فرق ڪرڻ لڳو آھي . رنگ ،نسل توڙي امير ۽ غريب جھڙين ڳالھين جو به فرق ڪرڻ لڳو آھي .

انسان پاڻ ختم ٿيڻ سان گڏو گڏ پنھنجي احساسن جھڙي شيء کي به ختم ڪري رھيو آھي.

اج جي انسان ۾ ڏٺو وڃي ته نوجوانن ۾ ڪيترائي اھڙا نوجوان پنھنجي سڪون کان اڻڄاڻ آھن .ڪن کي جواني ۾ پيدا ٿيندڙ ھڪ قسم جي جذبات جنھن کي محبت جو نالو ڏئي پنھنجي پاڻ کي ويران ڪندڙ ته وري ڪي اھڙا جيڪي زميدارين ۾ جڪڙيل آھن ته ڪي وري جن کي جواني جا ڌڪ کاڌل آھن . اڄ جو انسان پنھنجي سڪون کا اڻڄاڻ رھڻ لڳو آھي .انسان نٿو ڄاڻي ته ھن جو سڪون ڪھڙي شيء سان آھي پالڻھار جي خلقيل ھن دنيا ۾ ڪيترائي انسان سڪون جي ننڊ کان اوجھل رھڻ لڳا آھن .ڪروڙن جي تعداد ۾ ۾ ماڻھون ننڊ جي گورين جا عادي بڻجيل آھن ،دلين جي سڪون لاء ترسيل آھي . انسان اڻجاڻ ٿي بس ھلندو ٿو وڃي.ڇو اانسان پاڻ کان نٿو پڇڻ چاھي ته مان ڪير آھيان منھنجي زندگي جو مقصد ڇا آھي.

ھي اھي سوال جيڪي انسان کي پاڻ کان ڪرڻ گھرجن

مان ڪير آھيان؟

مان ڇا ڪري سگھان ٿو؟

منھنجو مقصد ڇا آھي ؟

جڏھن ھڪ انسان پاڻ کان ويھي پنھنجي ضمير کان سوال ڪري ته شايد ھن جي اندر جي ويراني ۽ بي سڪوني ڪجھ گھٽجڻ لڳي . ھر انسان جيڪو به ھن دنيا ۾ اچي ٿو زندگي ۾ ڪو نه ڪو سبق حاصل ڪري ٿو.

 ته وري ٻئي طرف جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته ھن دنيا ۾ اڄ جو انسان جيڪو ھن فاني دنيا کي ئي سڀڪجھ سمجھي ويٺو آھي .جڏھن ته پاڪ پروردگار فرمايو آھي ته ھي دنيا فاني آھي.

اج جي انسان ۾ احساس جي ڪمي آھي ڪنھن کي به ٻئي انسان جي تڪليف جو احساس ناھي .ڏٺو وڃي ته اڄ جي ھن دور ۾ ڀاء ڀاء جو ناھي ھر ڪو پاڻ ۾ مصروف آھي .

اڄ جي نوجوانن ۾ وڏن جو احترام ناھي رھيو. انسان غافل ٿي چڪو آھي .ڇو اسان اڻڄاڻ آھيون ٿه دنيا ۽ آخرت کي سنوارڻ جو سب کان بھترين طريقو آھي پاڻ کان وڏن جي عزت ڪرڻ ۾ آھي .

اسان کي گھرجي ته پاڻ کان وڏن کي وقت ڏيون انھن جي اندر جي تنھائين کي پنھنجي ڏنل محبتن سان سنواريون ٿه جيئن دنيا ۽ آخرت سنواري سگھون. ۽ ان سان گڏو گڏ پنھنجي اندر جي احساسن کي جاڳايون ۽ پنھنجي اصل مقصد ڏانھن واپس موٽي وڃون .