هن جديد سائنسي دور ان ڳالھ ۾ ڪا به ٻي رائي ناهي ته دنيا ۾ ترقي ڪرڻ خاطر ۽ عالمي منظرنامي تي سگهاري انداز ۾ موقف کي پيش ڪرڻ لاء هڪ مضبوط ۽ مستحڪم معيشت جي گھرج آهي۔ ان جو بنيادي سبب عالمي سطح تي رائج سرمائيدارانه سياسي ۽ اقتصادي سرشتو آهي پر سوال اهو آهي ته پاڪستان ڪڏهن اهڙي طاقت ماڻي سگهندو؟
ان سوال جو جواب سولو آهي ۽ اهو تعليم آهي جنهن ۾ جديد دور ۾ هنر به شامل آهي۔ حقيقي ترقي ماڻڻ لاء اسان کي جديد دور جي طرز موجب تعليم کي اپڻائڻو پوندو۔ ان جو بنيادي شرط نياڻين جي تعليم ۽ تعليم بعد سندن روزگار کي يقيني بڻائڻو پوندو۔ دنيا جو ڪو به ملڪ محض مردن تي انحصار تي ترقي نٿو ڪري سگهي۔
بنگلاديش جنهن جي آزادي کي هن سال پنجاھ ورھيه مڪمل سو ان ڳالھ جو بھترين مثال آهي۔ جڏهن آزاد ٿيو هو ته عالمي سهڪار ۽ امداد جو مستحق هو مگر بنگال جي حڪمرانن نياڻين جي تعليم تي خصوصي ڌيان ڏنو۔ ان جو ثمر اهو نڪتو جو بنگلاديش اڄ ٽيڪسٽائل جو مرڪز آهي۔ دنيا جو معروف برانڊس جون فيڪٽريون پڻ سموري بنگلاديش ۾ آهن۔
عقلي طور تي به اهڙي رياست جو قائم هجڻ ۽ ترقي ڪرڻ مشڪل آهي جنهن جي اڌ آبادي معيشت ۾ ڪو ڪردار ادا نٿي ڪري۔ ان جو سڌو اثر ملڪي پيداور تي پوندو ۽ عالمي سطح تي جتي عورتون هر ميدان ۾ پاڻ ملهائي رهيون آهن اتي جي پاڪستان ۾ سندن تعليم ۽ روزگار کي ترجيح نه ڏني ويندي ته غربت ۽ معاشي غلامي جي هن سنگهرن مان جان آجي نٿي ڪري سگهجي۔
ان سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ پڙهايو ويندڙ نصاب تي پڻ نظرثاني ڪرڻي پوندي۔ سرڪاري طور تي جيڪو نصاب رائج آهي اهو مدو خارج آهي۔ جنهن سائنسي دور ۾ ٻارن وٽ اسمارٽ فون ۽ جديد ٽيڪنالجي آهي اتي انهن کي 20 سال پراڻي ڪمپيوٽر ۽ فلاپي ڊسڪ بابت جڏهن ته سائنس ۾ سائنسدانن جي ڪم بدران سندن حياتن بابت معلومات فراهم ڪئي پئي وڃي۔ سندن تحقيق تي تنقدي جائزو وٺڻ بدران فزڪس ۽ ڪيميسٽري جي مذهبي طرز تي پڙهايو ٿو وڃي جيئن اسين ننڌي لاء قران شريف بغير معنا جي پڙهيو آهي۔
ان مان صاف ظاهر آهي ته اهڙي قسم جي نصاب پڙهڻ سان به اسين ٻين ملڪن سان ڀيٽ نٿا ڪري سگهون۔ ان جو بنيادي سبب عقلي آهي۔ اڄ دنيا کي هاڪار ۾ ڪنڌ هڻندڙ نه پر سوال اڀارڻ ۽ عملي طور تي جديد معاملات جي سڌ هجڻ وارا ماڻهون کپن جيڪي تنقيدي انداز ۾ سوچڻ جي سگھ رکندا هجن۔
جيستائين اسان جا عقابر ۽ سياسي اڳواڻ ان موضوعات تي سنجيده انداز ۾ ويچارڻ کان لاچار هوندا هن شعوري ڏڪار جو خاتمو نه ايندو۔
Visited 1 times, 1 visit(s) today
Tags:
education,
Sindhi Last modified: January 25, 2022
About the Author / News Desk
The Students' Herald News Desk focuses on reporting the latest news regarding student politics and campus updates to you. The News Desk can be reached at admin@thestudentsherald.com
Written by News Desk• January 15, 2022• 6:54 PM• Articles
پاڪستان جو شعوري ڏڪار
Author
هن جديد سائنسي دور ان ڳالھ ۾ ڪا به ٻي رائي ناهي ته دنيا ۾ ترقي ڪرڻ خاطر ۽ عالمي منظرنامي تي سگهاري انداز ۾ موقف کي پيش ڪرڻ لاء هڪ مضبوط ۽ مستحڪم معيشت جي گھرج آهي۔ ان جو بنيادي سبب عالمي سطح تي رائج سرمائيدارانه سياسي ۽ اقتصادي سرشتو آهي پر سوال اهو آهي ته پاڪستان ڪڏهن اهڙي طاقت ماڻي سگهندو؟
ان سوال جو جواب سولو آهي ۽ اهو تعليم آهي جنهن ۾ جديد دور ۾ هنر به شامل آهي۔ حقيقي ترقي ماڻڻ لاء اسان کي جديد دور جي طرز موجب تعليم کي اپڻائڻو پوندو۔ ان جو بنيادي شرط نياڻين جي تعليم ۽ تعليم بعد سندن روزگار کي يقيني بڻائڻو پوندو۔ دنيا جو ڪو به ملڪ محض مردن تي انحصار تي ترقي نٿو ڪري سگهي۔
بنگلاديش جنهن جي آزادي کي هن سال پنجاھ ورھيه مڪمل سو ان ڳالھ جو بھترين مثال آهي۔ جڏهن آزاد ٿيو هو ته عالمي سهڪار ۽ امداد جو مستحق هو مگر بنگال جي حڪمرانن نياڻين جي تعليم تي خصوصي ڌيان ڏنو۔ ان جو ثمر اهو نڪتو جو بنگلاديش اڄ ٽيڪسٽائل جو مرڪز آهي۔ دنيا جو معروف برانڊس جون فيڪٽريون پڻ سموري بنگلاديش ۾ آهن۔
عقلي طور تي به اهڙي رياست جو قائم هجڻ ۽ ترقي ڪرڻ مشڪل آهي جنهن جي اڌ آبادي معيشت ۾ ڪو ڪردار ادا نٿي ڪري۔ ان جو سڌو اثر ملڪي پيداور تي پوندو ۽ عالمي سطح تي جتي عورتون هر ميدان ۾ پاڻ ملهائي رهيون آهن اتي جي پاڪستان ۾ سندن تعليم ۽ روزگار کي ترجيح نه ڏني ويندي ته غربت ۽ معاشي غلامي جي هن سنگهرن مان جان آجي نٿي ڪري سگهجي۔
ان سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ پڙهايو ويندڙ نصاب تي پڻ نظرثاني ڪرڻي پوندي۔ سرڪاري طور تي جيڪو نصاب رائج آهي اهو مدو خارج آهي۔ جنهن سائنسي دور ۾ ٻارن وٽ اسمارٽ فون ۽ جديد ٽيڪنالجي آهي اتي انهن کي 20 سال پراڻي ڪمپيوٽر ۽ فلاپي ڊسڪ بابت جڏهن ته سائنس ۾ سائنسدانن جي ڪم بدران سندن حياتن بابت معلومات فراهم ڪئي پئي وڃي۔ سندن تحقيق تي تنقدي جائزو وٺڻ بدران فزڪس ۽ ڪيميسٽري جي مذهبي طرز تي پڙهايو ٿو وڃي جيئن اسين ننڌي لاء قران شريف بغير معنا جي پڙهيو آهي۔
ان مان صاف ظاهر آهي ته اهڙي قسم جي نصاب پڙهڻ سان به اسين ٻين ملڪن سان ڀيٽ نٿا ڪري سگهون۔ ان جو بنيادي سبب عقلي آهي۔ اڄ دنيا کي هاڪار ۾ ڪنڌ هڻندڙ نه پر سوال اڀارڻ ۽ عملي طور تي جديد معاملات جي سڌ هجڻ وارا ماڻهون کپن جيڪي تنقيدي انداز ۾ سوچڻ جي سگھ رکندا هجن۔
جيستائين اسان جا عقابر ۽ سياسي اڳواڻ ان موضوعات تي سنجيده انداز ۾ ويچارڻ کان لاچار هوندا هن شعوري ڏڪار جو خاتمو نه ايندو۔
About the Author / News Desk
Taboo or Myth , Student Unions
English Medium as a Social Capital and the Post-Colonial Dream
Related Posts
Privacy Breach at AMDC Hostel Sparks Protests, Administration Accused of Intimidation and Evidence Suppression
September 27, 2026• English, News Reports
Progressive Students Collective Holds Tulba Baithak in Lahore, Presents Charter of Demand
August 3, 2026• News Reports
Kissan Panchayat Held in Kamalia to Mobilize Against Corporate Farming
April 12, 2026• English, News Reports
جدوجهد ۾ جمود ۽ موجهاري جو سبب
December 24, 2021• Articles
Reports