وزيراعظم عمران خان حاڪم وقت ڏانهن منهنجو ھي کليل خط:

 

بقلم: منير علي شاھ

شروع ڪيان ٿو انهن مظلومن,مسڪينن, ھارين, مزدورن ۽ دنيا جي انتھائي غريب عوام جي نالي سان جيڪي جاگيردارن, وڏيرن, خانن, سرمائيدارن ۽

سيدن جا پالڻھار آهن.

عمران خان ھن وقت پاڪستان جو وزيراعظم رياستي ادارن موجب ھن ملڪ جي فوج دنيا جي طاقتور ترين فوجين مان ھڪ آهي.ائين ئي وري ھن ملڪ جا خفيا ادارا به دنيا ۾ پھرين نمبرن ۾ شمار ٿئين ٿا.

آء PTI جو ننڍڙو ورڪر ۽ ووٽر رھيو آھيان. 2018 جي چونڊن ۾ مون PTI کي پھريو ڀيرو ووٽ ڪندي ان وقت فخر محسوس ڪيو ته شايد توهان ھن قوم جا مسيحا ٿي آيا ھجو. پر آء غلط فهمي جو شڪار ٿي ويس. ھن وقت شايد ئي ڪو ماڻهو ھجي جيڪو مون کان وڌيڪ پڇتاء ڪندڙ ھجي. مون ان وقت پئي سوچيو ته توهان وٽ مغرب جو تجربو آهي, تمام گهڻو وقت اتي ڏنو آھي۽ اتان جي تھذيب ۽ تمدن کان چڱي طرح سان واقف آھيو ته ھتي به ڪا بھتري جي لاٽ ٻاريندئو. پر افسو جو ائين ڪو نه ٿيو. جيڪي ڳالهيون توهان ڪري رھيا ھئا: ته آء ڪڏهن به ڪنهن عالمي اداري ڏانھن پئسن گھرڻ جو ھٿ ڪونه وڌائيندس. ۽ نه ئي وري ڪنهن پاڪستانئ کي ٻاھرين ملڪ وڃڻ ڏيندس, بلڪ پنهنجي ئي ملڪ ۾ ايترا روزگار جا موڪيا ڏيندس جو ڪو به ٻاهر وڃڻ جو سوچيندو به ڪونه. ھاڻي ته مونکي لڳي ٿو ھنن ٽن سالن ۾ جيڪي ڪارڪردگي توهان ڏيکاري آهي, ته ھر ھڪ پاڪستاني ھي ملڪ ڇڏڻ لاء تيار آهي, ما سواء توهان جي ارد گرد ڪجهه مفادي ٽولي جي. ۽ سواء توهان جي طاقتور ترين رياستي ادارا يقينن ھن ملڪ کي نه ڇڏيندا.

مون کي ھتي علامه محمد اقبال جي چوڻي ياد ٿي اچي: ” قومون شاعرن جي دلين مان جنم وٺنديون آهن ۽ سياستدانن جي جھولين ۾ دم ڏينديون آهن.”

توهان رياستي ادارن,سان ملي ڪري ھن قوم سان ويساھ گھاتي ڪئي,ڪوڙ ڳالهيو, ماڻهون مارايا,توهان ملڪ جي معيشت کي ھڪ,ٻين ادارن سان ملي ڪري ھٿ سان تباهي جي ور چاڙهيو. ھاڻي جڏهن سمجھو ٿا ته ناڪامي مقدر ٿي چڪي آھي ته چوڻ لڳا آھيو. “مون کان جيڪي پھريون حڪومتون ھيون انهن تباهي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ھن ملڪ جي معيشت ٻڏي آهي.” ان جو مطلب ته توهان پنهنجي ناڪاميَ جو اعتراف اڻ سڌي طرح ڪيو ته پيا پر پاڻ کي ھن ملڪ جي تباهي جو ذميوار نه ٿا سمجھو!

توهان ته پاڪستان جي رياست کي مديني جي رياست ٺاهڻ وڃو پيا. توهان کي آء ٻڌائيندو ھلان ته مديني جي رياست ۾ ڪو مقدس جاء تي ويھي ڪوڙ ڪونه ڳالھائيندو ھو. مديني جي رياست ۾ ڪو حاڪم پنهنجي دشمنن کي سازشن ذريعي مقيد نه رکندو هو.
مديني جي رياست ۾ مقدس جاين تي زناھ جھڙا گناهه ڪونه ٿيندا ھئا. مديني جي رياست ۾ امانت ۾ خيانت جھڙا گناهه ڪونه ٿيندا ھئا. توهان ھن قوم جي ووٽ سان خيانت ڪئي آهي. مديني جي رياست ۾ پنجن سالن جي معصوم ٻارن سان زيادتي جھڙا واقعا رونما ڪونه ٿيندا ھئا. مديني جي رياست ۾ ڪنهن مردا عورت کي قبر مان ڪڍي زناھ ڪونه ڪيو ويندو هو! مديني جي رياست ۾ غريب مزدورن جا ڳلا ڪونه ڪٽيا ويندا ھئا. مديني جي رياست ۾ ٽي سئو سٺھ ڏينهن ۾ ٽي سئو ڌماڪا ڪونه ٿيندا ھئا. اھڙا اڻ ڳڻيا واقعا رياست مدينا ۾ نه بلڪ رياست پاڪستان ۾ ٿيندا آهن. مونکي ته توهانکي انسان چوڻ تي به شرم ٿو اچي جو ھڪ طرف ھزارا ڪميونٽي جا ماڻهون پنهنجي پيارن جا لاش رکي توهان جھڙي ماڻهوَ مان انصاف جي اميد رکيو ويٺا آهن ته ٻي طرف بجاِ ان جي جو توهان انهن ڏانهن وڃي ڪري ڪجهه آٿت ڏيو, ڪجهه زخمن تي مرھم لڳايو, نه ڪي توهان ڊرائنگ رومن ۾ ويھي ڪري بيان بازي ڪيو.

توهان رياست پاڪستان کي رياست مدينہ نه پر رياست داغستان بنائي ڇڏيو آهي. ھاڻي منهنجي توهان کي ھڪ مفت واري صلاح آهي ته پنهنجي قومي چينل تي اچي ڪري سڄي قوم جي سامهون پنهنجي ناڪاميَ جو اعتراف ڪيو ۽ مستعفي ٿي ٻاهر ھليا وڃو. ان عمل ۾ ٿوري گهڻي عزت رھجي ويندي. جيڪڏهن توهان وزيراعظم جي ڪرسي نه ڇڏي ته ھئ قوم توهان کي معاف ڪري نه ڪري پر تاريخ جا توهان ھميشہ جا گنھگار رھندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *