لطيف يونيورسٽي هاسٽل مان شاگردن کي جبري نيڪالي، 10 ڄڻا گرفتار

سکر (بيورو رپورٽ) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي شاگردن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ هڙتال جو سڏ ڏيڻ تي يونيورسٽي انتظاميا پوليس معرفت شاگردن جو سامان هاسٽل مان ڪڍائي ٻاهر ڦٽو ڪرائي ڇڏيو، شاگرد سراپا احتجاج بڻيل، انصاف جي گهر. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي انتظاميا شاگردن پاران جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ هڙتال جو سڏ ڏيڻ تي مبينا طور شاهه لطيف پوليس شاگردن جو هاسٽل ۾ رکيل سامان ٻاهر ڪڍرائي ڦٽو ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ متاثر شاگردن آصف بلوچ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شاهه لطيف پوليس اسان جي غير موجودگي ۾ هاسٽلن جي ڪمرن جا تالا ٽوڙي سامان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو، جيڪا وڏي ناجائزي آهي. اهڙي عمل خلاف شاگرد مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. پوليس پھچي شاگرد اڳواڻ آصف بلوچ سميت 10 شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو

Leave a Reply

Your email address will not be published.