ڪورونا جي آڙ ۾ سنڌ جي تعليم تباهه!

ڪورونا جي آڙ ۾ سنڌ جي تعليم تباهه

ڪالم: محمد حسن سومرو
سنڌ جيڪو ڪنھن وقت ھڪ خوشحال خطي جي سڃاڻپ رکندو ھو ۽ جنھن وقت سائنس ۽ ادب ترقي نہ ڪئي ان وقت بہ سنڌ تعليمي لحاظ کان پوري دنيا ۾ مشھور هئي ۽ ان وقت ۾ جن عظيم شخصيتن ھن سر زمين تي جنم ورتو انهن علم ۽ ادب کي پوري دنيا ۾ پکيڙڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. پر افسوس تہ ماضي جو تعليمي خطو ھن وقت تباھي جي دلدل ۾ ڦاسي پيو آھي. ان جو هڪ ڪارڻ وڌندڙ غربت ۽ تعليم کي ڪاروبار ڪرڻ آهي. گھڻي پراڻي ڳالهه ناهي انگريزن جي حڪومت ۾ سنڌ تعليمي لحاظ کان پوري ننڍي کنڊ ۾ سڃاتي ويندي ھئي پر گزيل ستر سالن ۾ سنڌ جو تعليم ۾ ڪردار ٻين صوبن جي برابر به نه رهيو آهي. تعليمي شعبي ۾ اھڙي تباھي پهرين ڪڏهن به نه آئي ڇاڪاڻ ته گزرندڙ وقت سان گڏ سرمائيدار جا اثر وڌندا پيا وڃن جنھن کي سڌارڻ لاء نسلن کي جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ پوء وڃي سڌارو ممڪن ٿيندو. سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ تعليم ڪاروبار ٿي وئي آهي جنهن ڪري سڀ سهولتون صرف با اثر ماڻهن جي ٻارن کي ملنديون آهن. هڪ ته پهريون ئي فرسوده نظام ٻيو وري ڪورونا وائرس وارا ھي ٻہ سال سنڌ جي تعليم مٿان ڃڻ ائٽم بم ڪري پيو آهي. آنلائن تعليم وارو نظام سرمائيدار طبقن لاءِ آسان پر غريب شاگردن لاءِ مشڪل ترين رهيو آهي. آنلائن تعليم لاءِ استعمال ٿيندڙ ڊوائس هڪ غريب شاگرد ڪٿان آڻي؟ وري ان مٿان انٽرنيٽ جي سهولت نا ممڪن آهي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان هن وقت به ٽي دنيا جو ملڪ آهي جتي سهولتن جي کوٽ ننڍن ڳوٺن، نندن شهرن ۽ ڪجه وڏن شهرن ۾ به عام آهي. هن وقت ٻهراڙي علائقن جا شاگرد تمام گھڻو پريشان رهيا جو ٻهراڙي ۾ انٽرنيٽ جي سهولت ناهي ۽ هاسٽل انتظاميا به کين ڪورونا جي خراب صورتحال ڄاڻائي ڪڍي ڇڏيو. ان جي ذميوار سڌي ريت حڪومت آهي. غريب تعليم پرائڻ لاءِ مزدوري ڪندو آهي جنهن مان پنهنجو ذاتي خرچ ۽ گھر هلائيندو آهي. ان صورت ۾ واڌو خرچ ڪرڻ ان شاگرد لاءِ تمام ڏکيو ٿي ويندو آهي. ان باوجود آن لائين تعليم مڙهي وئي جيڪا سڄي پاڪستان ۾ فيل ٿي وئي. ڪورونا جنهن وقت صحت، ڪاروبار ۽ ٻين شعبن کي نقصان رسايو اتي تعليم کي مڪمل تباهه ڪري ڇڏيو. ان ۾ اسان جي انتظاميا به ڪا ڪسر نه ڇڏي جنھن ڪورونا جي آڙ ۾ تعليمي سرگرمين کي مسلسل بند رکيو، جتي پاڪستان جي سڀ کا وڌيڪ متاثر ٿيل صوبي پنجاب جا اسڪول کوليا ويا ۽ ايس او پيز تحت ڪلاس ورتا ويا اتي سنڌ جي تعليمي ادارن مٿان ڪرفيو لڳل ھو، ٻين صوبن جي وزيرن ۽ تعليم کاتي سان تعلق رکندڙ بااختيار ماڻهن تعليمي ادارن کي کولڻ تي زور وڌو پئي اتي سنڌ جي انتظاميا پنھنجن مفادن خاطر ڪورونا وائرس جو سھارو وٺندي تعليم تي پابنديون لڳائيون. سنڌ کي بلوچستان جھڙي پسمانده علائقي کان وڌيڪ پوئتي ڌڪيو پيو وڃي، ھاڻي سنڌ جي تعليمي نظام کي ٻيھر بحال ڪرڻ لاء وڏي محنت ۽ جدوجهد درڪار آهي پر اڃان تائين اھڙي ڪوشش ڏسڻ ۾ نہ آئي آھي. سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي ڳنڀير صورتحال ڄاڻائي سنڌ جي تعليم کاتي تعليمي ادارن کي بند ڪيو ان ئي وقت سنڌ جو تعليم وارو وزير پنجاب ۾ سياسي جلسا ڪري رھيو ھو، ڇا ڪورونا وائرس صرف تعليمي ادارن ۾ آيل آھي؟ يا ڪورونا وائرس جي سياسي جلسن سان ڊيل ٿيل آھي؟ يا اسان شاگرد ايئن سمجھون ته ڪورونا وائرس جي ڪري منصوبه بندي جي تحت سنڌ کي تعليمي ميدان ۾ وڌيڪ 10 سال پوئتي ڌڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن اسان ايئن سوچون ٿا ته اسان غلط ناھيون ڇو جو جن صوبي ۾ شاپنگ مال، ٽرانسپورٽ، تفريحي ماڳ، سئنيما گهر کليل ھجن ۽ ان صوبي جا تعليمي ادارا بند ھجن تہ انجي پويان ضرور سازش ھوندي. سنڌ جو تعليمي نظام پھريان ھي ڪيترائي ئي سال پوئتي آھي، ۽ وري ڪورونا وائرس جي آڙ ۾ وڌيڪ پوئتي ڌڪيو ويو آھي پر ھاڻي سنڌ جي مظلوم عوام تي رحم ڪيو مھرباني ڪري وڌيڪ تعليمي ادارن کي بند نه ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *