جدوجهد ۾ جمود ۽ موجهاري جو سبب

پاڪستان ۾ 37 ورهين کان شاگرد يونين تي مڙهيل پابندي باوجود اسان وٽ شاگرد سياست زنده آهي. ان جو اندازو 2018 ۾ پهريون ڀيرو ٿيندڙ شاگرد مارچ مان لڳائي سگهون ٿا. پر اسان وٽ کوٽ اتحاد جي آهي جنهن جي ڪري 2018 کان پوءِ به مارچ ته ٿيا پر شاگرد يونين بحال نه ٿي سگهي. ڪاميابي جو اندازو اسان ان ڳالهه مان لڳائيندا آهيون ته جنهن عمل لاءِ مارچ ڪيو پيو وڃي اهو عمل ڪنهن حد تي پهتو. 2018 کان پوءِ شاگرد يونين جي اهميت بابت ڳالهه ٻولهه شروع ٿي ۽ اسان جا دانشور، اديب، سياست دان، صحافي، استاد ۽ هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو ان موضوع تي مسلسل ڳالهائيندا رهيا. هاڻ ان تي بحث ناهي ته شاگرد يونين هجڻ گهرجي يا نه پر هاڻ بحث ان تي آهي ته شاگرد يونين بحال ڪيئن ڪجي؟ ان سوال تي هجڻ ته ايئن گهرجي ته سڀ شاگرد گڏ ٿي ۽ مطالبا ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪن پر2018 کان پوءِ ٻئي طريقيڪار سان ڪم ٿيڻ شروع ٿيو ۽ قانون ۾ ترميم ڪري شاگرد يونين جي بحالي لاءِ ڪم جو آغاز ڪيو ويو. بدقسمتي سان اهو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو ۽ ڪو مثبت نتيجو نظر نه آيو. ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي شاگرد يونين جي ٻحالي سان طاقتور اشرافيا کي نقصان ٿيندو جڏهن نوجوانن ۾ پنهنجي حقن ۽ فرضن جو شعور ايندو جنهن سان انهن مان خوف پڻ ختم ٿيندو ۽ پنهنجا مطالبا مڃرائڻ لاءِ هر قدم تي اٿندا ۽ نه چاهيندي به طاقتور اشرافيه کي مطالبا مڃڻا پوندا. ان جي ڪري اسان شاگردن ۾ ڏڦيڙ وجهي طاقتور اشرافيا پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندي پئي اچي.
سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ضياالحق جي ظلم ۽ جبر سبب اسٽيبليشمنٽ کي اهو نقصان ٿيو ته هر گهر ۾ نئين نسل کي ڄاڻ ملندي رهي ته ماضي ۾ انهن جي وڌڙن سان ظلم ڪندڙ ظالم ڪير هيا؟ انهن ڪيئن بي رحماڻا تشدد ۽ قتل ڪيا؟ ان کان سواءِهر ڊڪٽيٽر جا ڪارناما ٻنهي صوبن سان ٿيندڙ حق تلفي پڙهندڙ لاءِ موجود آهن. ان وقت جي لکندڙ بهادري سان پنهنجي صدي جي منظر ڪشي ڪئي آهي. انهن زيادتين کي ڏسي، ٻڌي ۽ پڙهي سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام ۾ غم ۽ غصي جي لهر آهي. ماضي ۾ انهن ئي صوبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پاڻ کي متحد ڪيو. ان وقت به اسان وٽ مختلف تنظيمون هيون جيئن اڄوڪي دور ۾ آهي. ترقي پسند جماعتون پڻ وکريل آهن. انهن تنظيمن جو بنيادي مقصد هڪ آهي پر سمجهه کان ٻاهر آهي ته ڪو اتحاد ٺاهي گڏ ڇو نٿيون ٿين؟
سياسي شعور رکندڙ ڌريون ان ڳالهه کان واقف آهن ته جڏهن به عوام متحد ٿيو آهي تڏهن سماج ۾ وڏي تبديلي رونما ٿي آهي ان جا مثال اسان وٽ جام آهن جن مان پنهنجي ملڪ اندر ايندڙ وڏين تبديلين کي ئي ڏسجي ته ڄاڻ ملي ويندي. بنگله ديش ٺاهڻ جي جدو جهد ۾ سڄو عوام گڏ هيو جن مان لازمي آهي ته انهن شاگردن کي ياد ڪجي جيڪي شهيد ٿيا ڍاڪا جي يونيورسٽي سان تعلق رکندڙ شهيد شاگردن کي هن وقت به هر سال ياد ڪيو ويندو آهي پر خبر ناهي ڪهڙي تنظيم سان تعلق پيا رکن؟ڇاڪاڻ ته انهن جو ڪيل ڪم اهم هيو، اهو نه ته ڪنهن جي ماتحت اهي ڪم پيا ڪن. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته تنظيمن جو هجڻ ضروري آهي خاص ڪري شاگرد تنظيمون، جو انهن مان ئي شاگرد گورننگ سکندا آهن ۽ فيصله سازي ڪرڻ جي پختگي پڻ سکندا آهن. پر اهو نه هجڻ گهرجي ته ڪنهن جدوجهد جي نتيجي ۾ جيئن ڪو انقلاب رونما پيو ٿئي ته ان جو ڪريڊٽ ڪنهن کي ويندو؟ ان ڪريڊٽ جي ڪري اسان جي سماج ۾ عوام جي مفاد لاءِ ٿيندڙ ڪم بند ٿي ويا جو ڌريون اهو سوچينديون آهن ته اسان جي ڪم جو ڪريڊٽ اسان جي تنظيم کانسواءِ ڪنهن ٻئي ڏي نه وڃي.
ان کانسواءِ ون يونٽ واري جدوجهد ۾ سنڌ جا شاگرد سڀ گڏ هيا جڏهن ته انهن ۾ نظرياتي طور تي الڳ سڃاڻپ رکندڙ شامل هيا پر اڄ به 4 مارچ جا هيروز ياد ڪيا ويندا آهن ته انهن جي جدوجهد ڪهڙي ڪم لاءِ هئي اهو ياد ناهي ڪيو ويندو ته ڪهڙي تنظيم ان لاءِ ڪم ڪيو. فلسفي ۾ به آهي ته انسان جي شخصيت ڪيتري اهم آهي. انفرادي طور تي پاڻ کي بهتر ڪجي ۽ اجتماعي جدوجهد ۾ سڀن کي گڏ کڻي هلڻ گهرجي. سنڌ ان لاءِ به سياسي طور تي مضبوط رهي هئي جو ماضي ۾ اٿندڙ مسئلن ۾ سڀ سنڌي متحد هيا. انهن ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمنٽ کي وڏي محنت ڪرڻي پئي هئي. پراڄ اسان وٽ مذهبي، قومي، جنسي ۽ ٻيا گهڻا گروپس ٺهي ويا آهن. ان تفريق جي نتيجي ۾ بنيادي مسئلن تان ڌيان هٽي ويو آهي ۽ جدوجهد ۾ جمود پيدا ٿي ويو آهي.اهو الميو آهي ته ڄاڻ رکندڙ ڌريون ڌار ڌار ڪمپنيون کولي ويٺيون آهن ۽ پاڻ ۾ ٻڌي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ويٺيون آهن. اسان کي گهرجي ته هن فرسوده نظام کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published.