مٽياري جا نوجوان بنيادي سهولتون کان محروم آهن

نوجوان ملڪ جو سرمايو هوندا آهن. ڇو ته انه  جو جزبو ۽ سندس همت ملڪ جي مستقبل جو بنياد هوندا آهن۔

 ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي مڪمل ڪمان سندن هٿن ۾ هوندي آهي. انهي ڪري نوجوانن کي سندن مستقبل کي سنوارڻ لاء بنيادي سهولتن ميسر ڪيون وينديون آهن. جئين اهي احساس ڪمتري جي وڪڙ ۾ نه اچي سگهن. ۽ پنهنجي اونچي خيال ۽ فطرت سان ملڪ کي اعلي سطح تي آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. ۽ ملڪ پنهنجي اعلي ۽ وسيع شناخت کي برقرار رکي سگهي. پر هتي يورپي ملڪن جي ابتڙ نظام هلي ٿو۔

 هتي حڪمران ڄاڻي واڻي. نوجوان نسل کي تباه ۽ بربادي ڏانهن ڌڪيلڻ ۾ پنهنجي ايڏي چوٽي جو زور لڳائيندا آهن. جئين نوجوانن ۾ شعور جي لاٽ نه ٻري پئي جيڪڏهن نوجوانن ۾ شعوري لاٽ ٻري ته نوجوان اسانجي مقصد تي اسانجي ڪيل ڪرپشن جي خلاف اٿي بيهي رهندا ۽ اسان سان سوال ڪرڻ جي جرت ۽ اسانکي للڪارڻ جي همت ڪندا انهي ڪري هتي جي۔ 

وقتي حاڪمن نوجوان طبقي کي مسلسل نظرانداز ڪري کيس تباهي ڏانهن لاڙو ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. هڪ ته نوجوانن کان معياري تعليم ڦر ڪئي آهي. ۽ کيس مڪمل تعليمي سهولتن کان محروم ڪري انهن کي احساس محرومي ڏانهن آندو آهي۔ 

۽ ٻيو وري کيس بيروزگاري جي ور چاڙهي جهالاڻا عمل ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ گهڻي عدد نوجوان منشيات واپرائڻ جا عادي بڻيل آهن ۽ منشيات ويڪرو ڪندا آهن. بيروزگاري کان مئل نوجوان مجبور ٿي ڪري اڻوڻندڙ عمل ڪري رهيا آهن۔ 

مٽياري ضلعي ۾ به نوجوانن وٽ وڏي صلاحيت موجود آهي. پر بدقسمتي سان انهن نوجوان کي سهولتون ميسر نه هئڻ ڪري سندن مستقبل تباهي ڏانهن وڃي رهيو آهي. مٽياري ضلعي لاء اربي روپين جي بجيٽ ايندي آهي. پر نوجوانن کي انهن بجيٽ مان هڪ پائي جو به مفاد حاصل ناهي ٿيو. مٽياري ضلعي ۾ اسپوٽ جي حوالي سان به وڏا وڏا نالا آهن. جيڪي نه صرف سنڌ ليول تي کيڏڻ جي اعلي صلاحيت رکن ٿا پر اهي پاڪستان ليول تي پاڻ کي مڃائي چڪا آهن. جيڪڏهن انهن رانديگرن کي هٿونڊائجي ته شايد هو پنهنجي قابليت سان سنڌ ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪري ٿا سگهن۔ 

هن وقت اسپوٽ تي ٻين ملڪ جو گهڻو رونشو آهي. جنهن ڪري انهن ملڪن جا نوجوان پڻ اڳتي آيا آهن. ۽ اسپورٽس سان پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جو اعلي مقام اڏڻ ۾ سڦل به ٿيا آهن. مٽياري ضلعي جو نوجوان ڪرڪيٽ گرائونڊ نه هئڻ ڪري پنهنجا خواب ساڀيان ڪرڻ بجائي غير واجب عملن ڏانهن لاڙو ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن. هتي تعليم تباه آهي۔

اسپورٽس جي نوجوانن کي سهولت ناهي. روزگاري جو هتي ڪارو منهن آهي. ۽ جيڪي پيسا ٿا اچن ٿا اهي ڪڏانهن ٿا وڃن. اهو به سوال ڳجهارت بڻيل آهي. هون ته مٽياري ڳڻت ۾ ضلعو آهي پر مٽياري ۾ هڪ يوسي جيترا به ڪم نه ٿيل آهن. هيڊ ڪوارٽر واري شهر جا نوجوان تمام سهولتن کان محروم بڻيل آهن۔

نه نوجوانن کي روزگار سان لڳايو ويو آهي نه ئي انهن کي ٻيو سهولتون ڏنيون ويون آهن جئين نوجوان طبقو پنهنجي مستقبل سنواري سگهن. روينيو منسٽر مخدوم محبوب الزمان علان ڪيو هو ته هالا سيعدآباد جي نوجوانن لاءِ ڪرڪيٽ گرائونڊ جي تعمير جلد ڪرائي ويندي جئين هالا سعيد آباد جا نوجوان اسپورٽس ۾ اڳتي نڪري ڪري پنهنجي ڪارائتي شناخت ڪري سگهن۔ 

جيڪڏهن منسٽر صاحب هالا سيعدآباد جي نوجوانن کي اڳتي نڪري لاء پليٽ فارم ڏئي ٿو ۽ سندن لاءِ نيڪ نيت خيال رکي ٿو ته پوءِ مٽياري جي نوجوان کي ڇو ٿو نظرانداز ڪري.ڇو انهن جي مستقبل کي رولڙي جو شڪار بڻائي مٽياري جي نوجوانن ۾ به ڪرڪيٽ ۽ ٻين گهڻي شهبن جي حوالي سان تمام گهڻيون صلاحيتون موجود آهن جيڪڏهن مٽياري جي نوجوانن کي ڪرڪيٽ گرائونڊ سان گڏ ٻيو ضروري سهولتون ملن ته مٽياري جا نوجوان اسپورٽس سان گڏو گڏ آهيون ٻين پليٽ فارم تان نه فقط مٽياري ضلعي جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا بلڪي پوري ملڪ جو نالو روشن ڪندا۔ 

انهي ڪري قبلا سائين براء ڪرم نه فقط هالا سيعدآباد جي نوجوانن کي ڪرڪيٽ گرائونڊ تعمير ڪرائي ڏيو ۽ انيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ مٽياري جي نوجوانن لاءِ به اڳتي وڌڻ جون سهولتون فراهم ڪيو۔ 

مٽياري ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر واري شهر کي نظرانداز ڪرڻ کان بهتر آهي پوري ضلعي کي هڪ نظر ۾ سانڊيو. ڇو ته مخدوم. خاندان کي هالا سيعدآباد جا ئي نوجوان ووٽ ڪون ڏيندا آهن مٽياري جا به نوجوان ووٽ ڏيندا آهن. جنهن ڪري سدائين مخدوم خاندان ضلعي جي سڀ سيٽن تي سهڪاري ماڻيندا آهن. ۽ ايوان تائين پهچندا آهن. اميد ته منهنجا هي سادي ٻولي ۾ لکيل لفظ توهان تائين پهچائيندا ۽ توهان مثبت خيال سان مٽياري جي نوجوانن کي به ڪرڪيٽ گرائونڊ تعمير ڪرائي ڏيڻ سان گڏ روزگار تي لڳائڻ جون ذميواريون نڀائيندو ۔