!مفت تعليم شاگردن جو بنيادي حق

دنيا ۾ مختلف رياستين ۾ تعليم عيوض شاگردن کي اجرت ڏني ويندي آهي ڇاڪاڻ ته تعليم سان انسان ذاتي فائدي کان وڌيڪ دنيا جي فائدي لاءِ ڪم ڪندو آهي. تعليم حاصل ڪرڻ سان هڪ ماڻهو ان مخصوص مضمون تي مهارت حاصل ڪري ڪجهه بهتر ڪم ڪرڻ چاهيندو آهي مثال هڪ ادب جو شاگرد ادب پڙهي معاشري جي عڪاسي ڪندو آهي. پنهنجي لکڻين سان سماج کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ منفي روين کي لکي سجاڳي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هڪ نفسيات جو شاگرد اهو مضمون پڙهي انساني روين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. نه صرف نفسياتي بيماري جو علاج ڪندو آهي پر مسلسل ان تي تحقيق ڪندو آهي. اهڙي طرح تاريخ جو شاگرد اسان کي گزريل دور ۽ صدين بابت ڄاڻ ڏيندو آهي جنهن سان اسان ماضي جون غلطيون ۽ ڪوتاهيون ڏسي انهن مان سکي مستقبل ۾ انهن غلطين کي دهرائڻ کان پرهيز ڪندا آهيون. سائنس جي مضمونن جا شاگرد نت نيون تحقيقون ۽ ايجادون ڪري ايندڙ نسل لاءِ آسان کان آسان تر زندگي گزارڻ جا زريعا پيدا ڪندا آهن. بحرحال هر علم ضروري ۽ اهميت حامل آهي.

ترقي پزير ملڪن ۾ انهن ذهين شاگردن کي ڳريون فيسون ڏئي علم حاصل ڪرڻو پوندو آهي جيڪا نا انصافي آهي. ترقي يافته ملڪن ۾ شاگردن کي معاوضو ڏئي علم حاصل ڪرڻ لاءِ اتساهيو ويندو آهي. اسان جو ملڪ پاڪستان جيئن ته هن وقت تائين ترقي پزير ملڪن ۾ شمارٿيندو آهي جو هتي غربت جو شرح وڌيڪ آهي. اسان جي ملڪ ۾ اصولن تعليم يونيورسٽي تائين مفت هجڻ گهرجي ته ملڪ جي معيشت لاءِ اسان علم حاصل ڪري ڪجهه بهتري آڻي سگهون پر افسوس هتي علم ئي نظرانداز ٿيندو پيو اچي. هتي صرف ماڻهو ڪمائڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ جي سوچ ۾ رڌل آهن ۽ تقريبن ماڻهن جو خواب جلد از جلد دولت گڏ ڪرڻ ٿي ويو آهي. تعليم کان شاگردن کي پري رکيو ويو آهي. ان جا مختلف ڪارڻ آهي. جيئن اسان سياست کي ڏسون ته تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ اهو ماڻهو غلط ٿيندڙ ڪم تي سوال ڪندو ۽ غلط ڪم ڪندڙ لاءِ مسئلو ٿي ويندو. ان لاءِ غلط ڪم ڪندڙ طاقتور شخص ڪڏهن به نه چاهيندو ته غريب علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ مونکان سوال ڪري. ٻيو وري نا اهلي آهي. جيئن ڪجه طاقتور ماڻهو اهو چاهين به ٿا ته علم حاصل ڪرڻ ضروري آهي ته اهي عملي طور تي ڪم ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا ڇو ته سستي ۽ ڪاهلي انهن کي عملي طور تي ڪم ڪرڻ کان روڪيو آهي. پاڻ وٽ هر سهولت هجڻ بعد انهن کي ٻين لاءِ تڪليفون برداشت ڪرڻ ڏکيو ڪم ٿو لڳي. ان صوتحال ۾ شاگرد پاڻ مسلسل جدوجهد ۾ آهن ان اميد سان ته نيٺ انهن جي جدوجهد رنگ لائيندي ۽ تعليم جهڙي زيور کان آراستا ٿيندي. جيئن اسان اسڪولن ۾ ڏسون ته اسان وٽ سرڪاري اسڪول قائم ڪيا ويا آهن جتي غريب شاگردن کي مفت تعليم ڏني ويندي پر اتي به ڪتاب وٺڻ کان ويندي غير نصابي سرگرمين لاءِ ڪجهه پئسا ڏيڻا پوندا آهن. ڪاليجن ۾ به ڪيترائي سرڪاري ڪاليج آهن پر اتي به پريڪٽل سميت اسائمنٽ ڪرائڻ لاءِ يا وري ڪاغذن کي جمع ڪرائڻ لاءِ ۽ امتحانن لاءِ پئسا ڏيڻا پوندا آهن. ڪجه عرصو اڳ انهن ڪمن لاءِ فيس بند ڪئي وئي پر ان باوجود گھڻن ڪاليجن ۾ فيس ورتي ويندي آهي. يونيورسٽي ۾ ته غريب شاگرد پڙهي ئي نٿو سگهي. يونيورسٽي صرف انهن غريب شاگردن لاءِ آهي جيڪي مزدوري ڪري پنهنجي فيس جمع ڪڻ جي قابل هجن. جن کي ڪا نوڪري نه آهي ۽ هو ڪٿان به فيس نٿا ڏئي سگهن ته سڌو سئون ان کان تعليم جو حق کسيو ويندو آهي.

See also  Editorial: Why students march?

اسان جا نوجوان ايترا باشعور ٿي ٿيا آهن ته هو سمجهي سگهن تعليم پرائڻ اسان جو بنيادي حق آهي جنهن جي حاصلات لاءِ اسان کي پيسا نه ڏيڻ گهرجن. جيئن اسان کي پڙهائڻ لاءِ معاوضو ڏنو وڃي ته نه رڳو هڪ ملڪ ترقي ڪندو پر سموري ڪائنات لاءِ ڪارائتو عمل ثابت ٿيندو. اسان چاهيون ٿا ته ملڪ جي ٻين شعبن کي جيئن اربن جا فنڊ ڏئي هلايو وڃي ٿي اهڙي طرح تعليم لاءِ به اربن جو بجٽ مقرر ڪيو وڃي جنهن کان پوءِ ٻارن، نوجوانن ۽ پوڙهن کي تعليم پرائڻ لاءِ سهائتا ڪئي وڃي. هي ڪم جيترو مشڪل لڳي ٿو حقيقت ۾ ايترو مشڪل ناهي. اسان وٽ صحت، دفاع، تعليم ۽ ٻين لاءِ فنڊ مقرر ڪيو ويندو آهي سڀ کان وڌيڪ فنڊ دفاع لاءِ هوندو آهي جيڪو غلط نه آهي پر هڪ ننڍي خامي آهي. دفاع هر رياست لاءِ اهم آهي ته جيئن سالميت کي نقصان نه پهچي پر ان دفاع لاءِ سڀ کان وڌيڪ بجٽ مقرر ڪرڻ سراسر شاگردن سان نا انصافي آهي. هڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي ته جڏهن انسان پنهنجي طاقت پنهنجي جسم کان کسي دماغ کي ڏني ته انهن ترقي ڪئي اهڙي طرح اسان کي گهرجي ته هٿار کان وڌيڪ قلم کي اهميت ڏيون ته جيئن اسان به ترقي ڪري سگهون. اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته جيڪ شيون اسان استعمال ڪري رهيا آهيون اهي اسان جي ايجاد ناهن پر اسان کان اڳ دماغ جو بهتر استعمال ڪندڙ وڏڙن جي محنت جو نتيجو آهي. انهن جي ڪري اسان پکي کان اي سي تائين پهتاسين، پنڌ هلڻ کان چئن ڦيٿن واري گاڏي تي پهتاسين، خط پهچائڻ کان ڪمپيوٽر تائين پهتاسين. چوڻ ۾ ته اهو سڀ تمام آسان آهي پر ان جي پٺيان محنت ڪندڙ ماڻهن کي آفرين آهي ۽ انهن کي علم لاءِ اتساهيندڙ طاقت کي سلام آهي.

See also  The Role and Responsibilities of Youth During the Pandemic Covid-19

هن دور ۾ اسان کي تعليم واري معاملي تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان جو حق آهي ته اسان کي نه صرف بنيادي پر ثانوي تعليم به مفت فراهم ڪئي وڃي. سرمائيدارن کي گهرجي ته ٻين شعبن ۾ جتي ضرورت آهي اتي ڪاروبار ڪن تعليم تي ڪاروبار ڪرڻ بنيادي حقن جي لتاڙ آهي. هر ٻار جو حق آهي ته هو دنيا جي جوڙجڪ بابت ڄاڻي، سوال ڪري ۽ جواب ڳولي. ان حوالي سڄي دنيا جي محقق ۽ اسڪالرز کي ويهي سوچڻ گهرجي ۽ دنيا جي تمام ملڪن ۾ تعليم کي مفت ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *